اسلام آباد(م ڊ): تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان اڄ شروع ٿيندڙ پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ شريف خاندان خلاف نوان ثبوت جمع ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ثبوت ڏيڻ ادارن جو ڪم آهي، نواز شريف پارليامينٽ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به ڪوڙ ڳالهايو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ شريف خاندان خلاف هٿ آيل ثبوت ميڊيا تي پيش ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس اولاد کي هاڻي ٽرمپ جي فون ۽ وڪيل تبديل ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو، اسان پڪا ثبوت آندا آهن، پاناماليڪس جا ثبوت ڏيڻ سياسي پارٽين جو نه پر ادارن جو ڪم آهي پر پوءِ به انهن ثبوت پيش ڪيا آهن .هن چيو ته پاڪستان ۾ تحفن تي سياست هلي رهي آهي دنيا ۾ ڪٿي پاناما پيپرز کي تڪراري نه چيو ويو آهي .سندس چوڻ هو ته پاڪستان کان لنڊن مني لانڊرنگ ٿي ۽ وري اتان پئسو واپس پاڪستان آندو ويو هن چيو ته اسان ثابت ڪنداسين ته مريم نواز نيڪسول ۽ نيلسن ڪمپنين جي مالڪ آهي.عمران خان چيو ته مريم نواز هرجاءِ تي چوندي آهي ته هوءَ پنهنجي پيءُ سان گڏ رهندي آهي ته پوءِ ان جي الڳ ملڪيت ڪٿان آئي