ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته مان 2018ع کان اڳ چونڊون ڏسي رهيو آهيان. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته پاناما ليڪس ڪيس جا اثر رڳو شريف خاندان تائين محدود نه رهندا. هن چيو ته متبادل وزيراعظم جو نالو نه ڏنو ويو ته وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون. سندس چوڻ هو ته پاناما ليڪس ۾ وزيراعظم وقت ضايع ڪري رهيو آهي. منظور وساڻ چيو ته ٽن آپشنز تي عمل نه ٿيو ته وزيراعظم نواز شريف نااهل به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم لاءِ جولاءِ مهينو نهايت اهم آهي، نواز شريف جي هٿن مان وقت نڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته 9 جولاءِ تي تي ڪراچي جي ننڍي چونڊ ۾ زبردست مقابلو ٿيندو، پ پ سنڌ مان 70 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪندي. منظور وساڻ چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ٽيون حصو سيٽون حاصل ڪري پوءِ به وڏي ڳالهه هوندي. هن چيو ته مان ايم ڪيو ايم لاءِ چئي چڪو آهيان ته لنڊن ۽ پاڪستان هڪ آهن. سندس چوڻ هو ته پارٽيون تبديل ڪندڙ ڏيڏرن کي پاڻي ۽ پناهه گهرجي، عيد کانپوءِ ڌمال لڳندي. منظور وساڻ چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان کي ڏکين حالتن جو منهن ڏسڻو پوندو.