نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر قومي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر قومي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته قومي ڪميشن جو پارليامينت، عدليه، سول سوسائٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ به حصو بڻجي سگهن ٿيون، سياستدانن جي زندگين کي خطرو آهي، سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي جيڪڏهن ڪو حادثو ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو. هن چيو ته اسان کي قوم کي ٻوڙڻو ناهي،رڳو هڪ ماڻهو خلاف انڪوائري سان ڪجهه نه ٿيندو جيڪو نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف، اسد دراني ۽ شاهد عزيز جا ڪتاب ڏسي وٺو، ڌرڻي جا ڪردار ته ٻڌائي چڪو آهيان. سندس چوڻ هو ته ناصر الملڪ احترام جوڳو ۽ هڪ بي مثال شخصيت آهي، سندس مقرري کي ساراهڻ گهرجي. نواز شريف چيو ته جج ۽ چيف جسٽس طور ناصر الملڪ جون خدمتون واضح آهن. هن چيو ته  نگران وڏي وزير جي نالي تي شهباز شريف مون سان مشورو ڪيو، ناصر کوسو سٺي ساک رکندڙ شخصيت آهي، ناصر کوسو منهنجو پرنسپل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، سندس نالو پي ٽي آءِ طرفان آيو اهو نه چيو ته جسٽس آصف کوسا جو ڀاءُ آهي ته سندس نالو ڊراپ ڪيو وڃي، سياستدانن کي تنگ نظر نه هئڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *