اسلام آباد (بيورو): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته هن ڀيري عام چونڊن ۾ ڪا ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين، پيپلز پارٽي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته مون کي عدالت ايوان صدر کان نڪرڻ نه ڏنو، بلاول پڙهي رهيو هيو، يوسف رضا گيلاني جو پٽ چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو، هن چيو ته چيئرمين بلاول، مان پاڻ ۽ آصفه چونڊ مهم هلائينداسين، نواز شريف هميشه ڌانڌلي ذريعي مينڊيٽ چوري ڪيو، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته نواز شريف هر چونڊ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري، هڪ ڪروڙ 20 لک عورت ووٽرز جي داخلا نه ٿيڻ ناقابل قبول آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ ادارا هڪ هڪ ووٽ جي داخلا يقيني بڻائين.