اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته نيب چيئرمين جاويد اقبال 24 ڪلاڪن اندر قوم سامهون اچي معافي وٺي يا وري استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي. هن چيو ته نيب چيئرمين کي 24 ڪلاڪن اندر مني لانڊرنگ بابت الزامن جا ثبوت پيش ڪرڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته اسان 70 پيشيون ڀوڳي چڪا آهيون، ڪو به نتيجو نه نڪتو آهي. نواز شريف چيو ته جيڪو ڪجهه اڄ هي ڪري رهيا آهن، کين نتيجو ڀوڳڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن مون کي سزا ڏني وئي ته مان رحم جي اپيل نه ڪندس، اسان جي خلاف ڪيسن ۾ ڪجهه ناهي. سندس چوڻ هو ته اصل خلائي مخلوق موجود آهي، جيڪا 70 ورهين کان موجود آهي. نواز شريف چيو ته خلائي مخلوق نظر نه ايندي آهي، ماڻهن مسلم ليگ ن کي ڇڏيو نه آهي پر پارٽي ڇڏائي وئي آهي. هن چيو ته عام چونڊن ۾ زميني مخلوق خلائي مخلوق کي شڪست ڏيندي. سندس چوڻ هو ته ڌرڻي ۾ ڪجهه طاقتن خلائي ملخوق جو ساٿ ڏنو، نيب چيئرمين قومي وقار ۽ آبرو کي نقصان پهچايو آهي. نواز شريف چيو ته پ پ ۽ تحريڪ انصاف جي ملي ڀڳت جون شاهديون موجود آهن، خان صاحب توهان تير تي ٺپو هنيو يا نه هنيو. هن چيو ته سياسي اڳواڻن کي نيب چيئرمين جي نوٽيس وارو معاملي کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان خلاف نيب ريفرنسز ۾ ڪجهه هجي ها ته 10 ڏينهن ۾ نتيجو اچي وڃي ها.