نواز شريف ملڪ کي ٽوڙڻ ۽ 200 سال پوئتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي( م ڊ ) پ پ اڳواڻ ۽ پئٽروليم کاتي جي اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته نواز شريف پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ 200 سال پوئتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو. لنڊن مان علاج کانپوءِ وطن واپسيءَ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته مان پنهنجي ملڪ پاڪستان ۽ پنهنجي شهر ڪراچي واپس آيو آهيان، مون بابت جيڪي سياسي اڳواڻ ۽ نيب جهڙا اڳواڻ چوندا هئا ته ڀڄي ويندو اڄ سندن منهن ڪارو ٿي ويو آهي. هن چيو ته مان نواز شريف کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان ڀڄڻ وارن مان نه آهيون، توهان ۽ توهان جو ڪٽنب ڀڄي ويندو آهي، جيئن پهريون به شريف خاندان 10 سال پرڏيهه ۾ رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي قول ۽ فعال ۾ تضاد آهي، هو ٻچاپڙيا آهن ۽ مل کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف فوجي قيادت سان جنگ جوٽي آهي پر اسان جي سياست ملڪ جي بقا لاءِ آهي، اسان پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. هن چيو ته اسان ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، نواز شريف ان جنگ کان هٽي وڃي ته بهتر آهي. پاڪستان نواز شريف نه پر 20 ڪروڙ عوام جو آهي، هن ملڪ کي ٺاهيو هو ۽ اسان ئي بچائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *