اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته 1997ع ۾ جهڙي ريت سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو هو، ائين لڳي رهيو آهي ته هاڻ به معاملو ان پاسي وڃي رهيو آهي، مان سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪيان ٿو ته وزيراعظم جو نالو اي سي ايل ۾ وِڌو وڃي، ڇو ته هو ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرو آهي. بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حڪومتي وزير چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي قطري شهزادي کان جاچ نه ڪئي ته رپورٽ تسليم نه ڪنداسين، جي آءِ ٽي ته پنهنجي رپورٽ ن ليگ کي نه پر سپريم ڪورٽ کي پيش ڪندي. هن چيو ته مان پاڪستانين کي سڏ ڏئي رهيو آهيان ته تيار رهن، ڇو ته سپريم ڪورٽ تي حملو ٿي رهيو آهي. حڪومتي وزيرن جي ان بيان جو مقصد اهو آهي ته اهي پاناما ڪيس جو فيصلو نه مڃيندا، سپريم ڪورٽ اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن شهزادو عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته خط ردي جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو ويندو، اهي پاڪستان ۾ تلور مارڻ ته ايندا آهن پر پنهنجو بيان نٿا رڪارڊ ڪرائين. عمران خان چيو ته سڀاڻي جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي، ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي پر مان قوم کي اپيل ٿو ڪيان ته تيار رهو، ڇو ته اهو پاڪستان جي مستقبل جو معاملو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي درخواست ٿو ڪيان ته وزيراعظم نواز شريف نالو اي سي ايل ۾ وِڌو وڃي، ڇو ته هو ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرو آهي.27