نواز شريف مصيبت ۾ پيرين پوندو آهي ۽ جڏهن مصيبت مان نڪري ته ڳلو پڪڙيندو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ٺٽو (ڊ ر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ن ليگ جيان شو بازي نه پر ڪم ڪندا آهيون، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ ڪامياب ٿيندي. ڪراچي – ٺٽو ڪيرج وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ واحد پارٽي آهي، جيڪا ملڪ کي اڳتي وٺي ويندي، رڳو پ پ ئي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي سنڀالي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ رڳو اشتهارن تي پئسو خرچ ڪيو، پ پ حڪومت سنڌ ۾ وڏا ڪم ڪيا، اسان 2009ع کان سنڌ حڪومت تحت غربت جي خاتمي لاءِ پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ هيل تائين ڏيڍ لک خاندانن کي غربت مان ڪڍيو ويو آهي، سنڌ حڪومت ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي دل جي اسپتال (جناح اسپتال) کي مڪمل طور مفت ڪري ڇڏيو، اسان ڪينسر جي علاج لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، اها پاڪستان جي واحد سائبر نائف ٽيڪنالاجي جي مشين آهي، سڄي دنيا ۾ رڳو 2 سئو اهڙيون مشينون آهن ۽ اسان اها سهولت سئو سيڪڙو مفت فراهم ڪري رهيا آهيون، اسان جي پارٽي جيترو ڪم سنڌ ۾ ڪيو آهي اهو ڪنهن پارٽي ناهي ڪيو، سنڌ ۾ ڪيترائي مسئلا هئا، ڪجهه حل ڪيا آهن ۽ ڪجهه حل ڪرڻا باقي آهن. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ميٽرو بس منصوبو ته آندو پر پنجاب ۾ رڳو هڪ ئي اسپتال قائم ڪيائين، اها به اڻ مڪمل. پ پ چيئرمين چيو ته هڪ ڌرڻا هڻندو آهي ۽ ٻيو چوندو آهي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو. نواز شريف جڏهن مصيبت ۾ هوندو آهي ته پيرين پوندو آهي ۽ جڏهن مصيبت مان نڪري ته ڳلو پڪڙيندو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *