اسلام آباد (بيورو): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هر طرف اکن رڳو وزيراعظم جي استعيفيٰ جو شور ٿي رهيو آهي، نواز شريف لاءِ اهي سازشون نيون ناهن، نه ئي آخري آهن، هن چيو ته سازشن جا عنوان ۽ ڪندڙ بدلجندا رهيا، نواز شريف کي جلا وطن ڪيو ويو، جڏهن جهاز ڪيس بڻايو ويو، هن چيو ته 2013 بعد ڌرڻو ٿيو، وري ڌرڻو ٽو ٿيو، هاڻي ڌرڻي ٿري جي تياري ڪئي پئي وڃي، آخري سازش به ناڪام ٿيندي، هن ڀيري سازش ڪندڙن جا نالا پڌرا ٿيندا، هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ڏاڏي جي پوٽي سان بزنس شيئرنگ جي باري ۾ آهي، پڪ آهي ته جج رپورٽ پڙهندا ته شريف خاندان جا جي آءِ ٽي بابت خدشا بي نقاب ٿيندا، استعيفيٰ گهرندڙ پهرين جي آءِ ٽي جي رپورٽ پڙهن.