لاھور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي ( پ پ پ) جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پوين جلسن ۾ چيو هيو ته اسان توهان جي حڪومت کي ڪيرائي سگهون ٿا هٽائي سگهون ٿا اسان رڳو درست درست وقت جو انتظار ڪري رهيا آهيون ته جيئن جمهوريت کي نقصان نه رسي. لاهور جي موچي گيٽ تي ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ميان صاحب هاڻ بلوچستان ۾ توهان جي حڪومت ناهي رهي. موجوده حڪومت جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنهنجي بادشاهت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ توهان پاڪستان جون پاڙيون وڍيون. هن چيو ته جيڪڏهن هن ڀيري نواز شريف کي ڇڏي ڏنو ته الله به اسان کي معاف نه ڪندو، هاڻ توهان کي نڪرڻو پوندو، هاڻ ڇڏڻو ناهي، توهان هر شئي تي قبضو ڪرڻ چاهيو ٿا. هن چيو ته چار سالن ۾ ٽي سيڪڙو قرض ورتو ويو، ان کي ڪير لاهيندو؟ ميان صاحب قومي چور آهي، پ پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته ميان صاحب جيڪڏهن توهان کي ڪشمير ۾ وڃي ڪشمير تي ناهي ڳالهائڻو هوندو ته پوءِ توهان اتي ڇو ويندا آهيو؟ هن چيو ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف ڀارت سان هڪ معاهدو ڪري ورتو آهي جنهن جي ڪاپي مون وٽ موجود آهي تنهن هوندي فوج راضي نه ٿي ۽ جڏهن ان کي ڏيکاريو ويو ته فوج جا جنرل اٿي هليا ويا. هن چيو ته موجوده حڪومت عدالت ۾ چيو ته مشرف جي ٻاهر وڃڻ تي ڪو به اعتراض ناهي، چئي رهيا آهن ته مشرف کي واپس آڻيندا. آصف زرداري چيو ته اسان ايران سان گيس لائن جو معاهدو ڪيو هيو، تنهن هوندي ان حوالي سان منصوبي تي موجوده حڪومت جو ناڻي وارو وزير مون سان واعدو ڪري ڦِري ويو. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ سينيٽ مان هڪ منظور ڪرايو هيو جنهن کان پوءِ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي نٿي ٿي سگهي، واعدو ٿو ڪيان ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿينديون.