لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڀاءُ شهباز سان گڏ برطانيا روانو ٿي ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان چئن هفتن لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏيڻ بعد اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف علاج لاءِ لنڊن روانو ٿي
اهور ايئرپورٽ کان ايئر ايمبولينس ذريعي نواز شريف کي نيو ويو، هو وايا دوحه لنڊن پهچندو. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، ذاتي ڊاڪٽر عدنان ۽ ڪجهه ملازم به نواز شريف سان گڏ روانا ٿي ويا. نواز شريف کي برطانيا وٺي وڃڻ لاءِ قطر جي شاهي خاندان جي ڪمپني قطر اميري فلائيٽس جي ايئر ايمبولينس صبح ساڻ لاهور ايئرپورٽ تي پهتي، اي ٿري 19 ايئر ايمبولينس ۾ آءِ سي يو، آپريشن ٿيئٽر ۽ وينٽي لينٽر جهڙيون سهولتون به موجود آهي، جيڪا شريف ڪُٽنب طرفان ڀاڙي تي ورتي وئي.