نواز شريف سٺن طالبانن جو وزيراعظم ۽ چوڌري نثار گهرو وزير آهي، ميان بينظير ڀٽو حڪومت جي خاتمي لاءِ اساما کان پئسا ورتا: بلاول

ڪراچي(رپورٽر)پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽو چيو آهي ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير معاملا سنڀالڻ ۾ سنجيده ناهن، سڀ ڏسي رهيا آهن ته اسلام آباد ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، نواز شريف بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ اساما بن لادن کان پئسا ورتا هئا، سلام شهدا ريليءَ ۾ وڏي ڏياري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر ڪوئيٽا واقعي تي اها ڏياري تقريب ملتوي ڪئي وئي، رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ شو مندر ۾ ڏياريءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ڪوئيٽا واقعي تي هندو برادريءَ ڏياريءَ جو ڏڻ سادگيءَ سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو، اسان امن ۽ جمهوريت پسند آهيون، پاڪستان ۾ مسلمانن سان گڏ اقليتن کي به عبادت جي مڪمل آزادي آهي، اسان سڀ گڏجي دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪري سگھون ٿا، وڏو وزير نوجوان آهي ۽ اعليٰ تعليم يافتا آهي، سنڌ ۾ جيئن گڏجي سڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٻيون حڪومتون ايئن ڪم نه پيون ڪن، بلاول ڀٽو چيو ته نواز شريف ضياءُ الحق جو سياسي پٽ آهي، هو امير المومنين بڻجڻ پي چاهيو، بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ هُن اساما بن لادن کان پئسا ورتا، آرمي پبلڪ اسڪول حملي تي عدالتي جاچ ڪميشن ٺهڻ گھرجي ها، ڪي پي ڪي سرڪار حملي جي جاچ لاءِ عدالتي جاچ ڪميٽي نه جوڙي، بلاول ڀٽو چيو ته سڀ ڏسون پيا ته اسلام آباد ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ٻيهر چوان ٿو ته نواز سرڪار منهنجا چار مطالبا مڃي. نه ته حڪومت لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون، پاناما بل منظور ڪيو وڃي، احتساب کان سواءِ مُلڪ نه هلي سگھندو، اسان کي عدليا ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻو آهي، روڊن تي ۽ پارليامينٽ ۾ وڙهنداسين، پر دهشتگردن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، مودي اسان جي فوجين ۽ شهرين کي شهيد ڪري رهيو آهي پر ڪو به ٻڙڪ به نه ٿو ڪڍي، آمريڪا ۾ اليڪشن وڙهندڙ به موديءَ جا لفظ ڳالهائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت سٺن طالبانن کي سرگرميون ڪرڻ پئي ڏئي، پر اسان ۽ عمران خان جي سرگرمين کي روڪيو ويو آهي، توهان اسان جا يا ملڪ جا وزيراعظم ۽ گھرو وزير نه آهيو توهان سٺن طالبانن جا وزيراعظم ۽ گھرو وزير آهيو، نواز شريف اسان ۽ عمران خان جو نه پر سٺن طالبانن جو وزيراعظم آهي، ميان نواز شريف نه پر پاناما شريف آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته اسان جمهوريت ۽ عدليه کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻڌايو وڃي ته دهشتگرد ڪيئن ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ سينٽر پهتا. اسان جي نيت صاف آهي، ڪنهن سان وڙهڻ نٿا چاهيون، اسان جي اها تاريخ رهي آهي ته مسلمان ۽ غير مسلمان گڏ رهندا آهن، اسان کي جيڪڏهن ڪو الڳ ڪرڻ جي سازش ڪري ته ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڏياري تي سموري هندو برادري کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *