نواز شريف سياسي طور تي حواس وڃائي چڪو آهي، ڪٿي خوني جهيڙو ٿيو ته ذميدار هوندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ): عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف هن وقت سياسي طور تي حواس وڃائي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به جڳهه خوني جهيڙو ٿيو ته مينا صاحب ان جو ذميدار هوندو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته نواز شريف سياسي موت کي دعوت ڏئي رهيو آهي ۽ اهو پنهنجي سياست جي آخري گولي به هلائي چڪو آهي، هن ملڪ جي بدقسمتي آهي ته ان کي سٺو ليڊر ناهي ملي سگهيو، هن چيو ته ن ليگ جو شو فلاپ ٿي ويو آهي ۽ ريلي مان ماڻهو واپس وڃي رهيا آهن، 13 آگسٽ کي تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ڪڍي ڏيکاريندس ته عوام جو سمنڊ ڪنه کي چوندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *