نواز شريف سزا يافتا آهي، بانڊز وارو شرط برقرار رکيو وڃي: وفاق

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي سرڪار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته نواز شريف سزا مليل جوابدار آهي، کيس پرڏيهه وڃڻ لاءِ بانڊز جو شرط برقرار رکيو وڃي، لاهور هاءِ ڪورٽ کي درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار نه آهي. نواز شريف کي 7 ارب سيڪيورٽي بانڊز عيوض پرڏيهه وڃڻ جي مشروط اجازت ڏيڻ خلاف درخواست تي وفاقي سرڪار طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو. 45 صفحن تي ٻڌل جواب ۾ وفاقي حڪومت شهباز شريف جي درخواست جي مخالفت ڪئي ۽ استدعا ڪئي ته درخواست رد ڪئي وڃي. جواب ۾ وفاقي سرڪار موقف رکيو ته نواز شريف سزا مليلجوابدار آهي، کيس سيڪيورٽي بانڊز کانسواءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. جواب ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي بانڊز وارو شرط برقرار رکيو وڃي. وفاقي سرڪار موقف رکيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي هي درخواست ٻڌڻ جو اختيار نه آهي، تنهن ڪري درخواست رد ڪئي وڃي. نواز شريف خلاف مختلف عدالن ۾ ڪيس هلندڙ آهي ۽ نيب جي سفارش تي سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي نيب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي موقف رکيو آهي ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ ۽ سزا مليل جوابدار کي پيش ڪرڻ جي ذميواري حڪومت جي آهي. لاهور هاءِ ڪو رٽ ۾ نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ مشروط اجازت ڏيڻ خلاف شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران نيب طرفان به لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو. 4 صفحن تي ٻڌل جواب ۾ وفاقي سرڪار جيان نيب پڻ شهباز شريف جي درخواست جي مخالفت ڪئي. نيب طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي شهباز شريف جي درخواست ٻڌڻ جو اختيار نه آهي. اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ يا شامل ڪرڻ وفاق جو ڪم آهي، سزا مليل شخص کي هر ٻڌڻيءَ تي پيش ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اها ذميواري نيب جي نه آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *