اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف خلاف ذاتي دشمنيءَ جي ڪري سپريم ڪورٽ ناهيان آيو، سڀ پارٽيون نواز شريف کان جواب گھري رهيون آهن، شريف فيملي ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهايو ته اسان کي سپريم ڪورٽ وڃڻو پيو، خطري خط سچو هجي ها ته شريف فيملي پهريان ئي عدالت ۾ جمع ڪرائي ها، مريم نواز ۽ سلمان نواز ۽ سلمان شهباز چيو ته اسان جي پرڏيهه ۾ڪا ملڪيت ناهي، مان اشتهاري آهيان ۽ شيخ رشيد کي به لال حويليءَ ۾مان ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، پاناما ڪيس جي ٻڌڻيءَ کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف 15 هين ترميم آڻي امير المومنين بڻچڻ چاهيو، نواز شريف آمر بڻجڻ پي چاهيو ۽ ڪو جواب نه پيو ڏئي، هن پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، نواز شريف جي اربين رپين جي ملڪيت جو انڪشاف ٿيو آهي، نواز شريف جو تختو جڏهن اونڌو ڪيو ويو ته مون ۽ قوم مٺايون ورهايون، عمران خان چيو ته جيئن جيئن ڪيس اڳتي وڌي رهيو آهي هنن جا نوان ڪاغذ سامهون اچي رهيا آهن، ايف بي آر ۾ 2 ماڻهو دستاويز بدلائي رهيا آهن، قطري خط سچو هجي ها ته نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ هڪ هنڌ ته قطري خط جو نالو وٺي ها، هاڻي روز بيان بدلايا پيا وڃن، قطري خط جي حيثيت سڀني کي خبر آهي. وزيرن جي ڪوڙن تي انهن جي فيملين کي به شرمندگي ٿيندي. خواجا آصف کان جڏهن اسيمبليءَ ۾ چيو ته ميان صاحب ماڻهو پاناما ڪيس کي وساري ڇڏيندا ته اسان سپريم ڪورٽ اچڻ جو فيصلو ڪيو. مشرف جي آمريت ۽ نواز شريف جي جمهوري دور ۾ ڪو فرق ناهي. هن ادارا تباهه ڪيا آهن ۽ اسان کي به انتقامي ڪاررواين جو نشانو پيو بڻائي، مون تي به ڪيس داخل آهن، مان اشتهاري آهيان ۽ جهانگير تي به توپ هلي رهي آهي، شيخ کي لال حويليءَ مان ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ٿئي