اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عدالت وٽ آرٽيڪل 190 کي لاڳو ڪرڻ جو به اختيار آهي ۽ جيڪڏهن اهو لاڳو ٿيو ته وڏو خطرناڪ ٿيندو ان جي ذريعي عدالت فوج کي شريف خاندان جي گرفتار جو حڪم ڏئي سگهي ٿي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، نيب جي طلبي جي باوجود نواز شريف ۽ ان جا وارث پيش ناهن ٿي رهيا، عدم پيشي جو سلسلو جاري رهيو ته نيب گرفتار جا وارنٽ جاري ڪندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه نواز شڊريف کي نيب ۾ پيش ٿيڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، سمجهه کان ٻاهر آهي ته حڪومت ادارن سان ڇو وڙهڻ چاهي ٿي، ڊان ليڪس ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ ٻئي سامهون اچڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب هائوس مان چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس جي اهميت هوند جڏهن ته ڪالهه چوڌري نثار آسٽريلين طوطي جيان بڻيل هو.