نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيف جسٽس جي بيان کي بغض ۽ انتقام قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيف جسٽس جي بيان کي بغض ۽ انتقام قرار ڏئي ڇڏيو.  مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جا چيل لفظ ته ڇا ڪنهن چور کي سربراهه بڻائي سگهجي ٿو شئير ڪندي چيو ته لفظ پڙهيو ۽ فيصلو ڪيو ته ڇا اهو بغض ۽ انتقام ناهي؟ هن چيو ته نيب طرفان هڪ کان پوءِ ٻي ننڍي ريفرنس داخل ٿيڻ ان جو ثبوت آهي ته نه ڪجهه مليو ۽ نه  ڪجهه نڪتو. هن وڌيڪ چيو ته اقامو تاريخ عدل جو ڪارو ترين فيصلو آهي جنهن کي عوام رد ڪري چڪو آهي. ان سنگين غلطي کي ورجائڻ سان وڌيڪ سنگين غلطي ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *