اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم هائوس ۾ شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته اسان سڀ نواز شريف جي قيادت ۾ گڏ آهيون ۽ اسان گڏجي نواز شريف جي پاليسين کي اڳتي وڌائينداسين. اسلام آباد ۾ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ن ليگ جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال جو جائزو ۽ پارليمان ۾ حڪمران پارتي جي حتمي حڪمت عملي تي به ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ميمبرن کي چونڊ سڌارن تي ترميمي بل بابت بريفنگ به ڏني وئي. اجلاس ۾ آئيني سڌارا ترميمي بل تي پارٽي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. چونڊ سڌارا ترميمي بل 2017 موجب نئين قانون ۾ اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي خود مختياري ڏني وئي آهي ۽ هاڻ اليڪشن ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ جا مساوي اختيار حاصل هوندا. اجلاس دوران وزير اعظم مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبرن کي چيو ته منهنجو وزير اعظم نواز شريف ئي آهي، اسان سڀ نواز شريف جي قيادت ۾ گڏ آهيون، اسان گڏجي نواز شريف جي پاليسين کي اڳتي وڌائينداسين،آئون هر وقت حاضر آهيان توهان کان پري نه ٿيندس، توهان سڀني کي مون سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.