اسلام آباد (م ڊ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جي واپسي لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعمال ڪيا ويندا.وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارليامينٽ ۾ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۾ اپوزيشن جي سرگرمين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ پارليامينٽ ۾ قانون سازي بابت بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي بابت قدمن تي حڪومتي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.وزيراعظم عمران خان چيو ته ن ليگ نواز شريف جي صحت تي سياست ڪئي، اپوزيشن جو فوڪس ملڪي مفاد نه پر ڪيسن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آهي، اپوزيشن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين.هن چيو ته عدالتن کي گهربل ماڻهن جي واپسي حڪومت جي ذميواري آهي، نواز شريف جي واپسي لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعمال ڪنداسين.ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ٻيهر درست رستي تي اچي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪري وزيراعظم عمران خان چيو ته جولاءِ 2019 ۾ ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 613 ملين ڊالر هو، جيڪو جون 2020 ۾ گهٽجي 100 ملين ڊالر تي آيو ۽ پوءِ جولاءِ 2020 ۾ اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس 424 ملين ڊالر سرپلس (واڌو) ٿي ويو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن وڌيڪ لکيو ته اها زبردست تبديلي برآمد ۾ مسلسل بهتري، جيڪا جون 2020 جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ رڪارڊ ناڻي جي پهچ جو نتيجو آهي.