نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽون آخر برطانيا مان ڇو نه پيو گهرايون وڃن؟ :فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو)سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري پنهنجي ئي پارٽي جي پنجاب حڪومت طرفان ڪيل اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ميڊيڪل ٽيسٽن کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آخر نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽون آخر برطانيا مان ڇو نه پيو گهرايون وڃن؟ ظاهري طور ان جو هڪ سبب آهي ته برطانيا ۾ ٿيل ٽيسٽ پاڪستان ۾ ٿيل ميڊيڪل ٽيسٽ کان مختلف آهن ۽ برطانوي ڊاڪٽر نواز شريف کي سخت بيمار قرار ڏيڻ کان پاسو پيا ڪن.فواد چوڌري هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ان جو هڪ مطلب اِهو آهي ته پنجاب حڪومت جيڪي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪيا اُهي شڪي هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *