نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس، آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ ترميم جو جائزو

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڳالهين وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ ترميم جو جائزو ورتو ويو. جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڳالهين وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرويز رشيد، خواجا سعد رفيق، خواجا حارث، راڻا مقبول، امجد پرويز ۽ زاهد حامد سميت نواز شريف جي قانوني ڳاليهن واري ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ ترميم جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آئيني ترميم رڳو 62 ون ايف تائين محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 62 ون ايف ۾ رڳو نااهلي جي مدت جو تعين ڪيو ويندو جڏهن ته شقن جي اسلامي روح کي ڪنهن صورت ۾ نه ڇيڙيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *