نواز شريف جي سياست ختم ٿي رهي آهي هاڻ هو شهباز شريف کي مارائڻ وڃي رهيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي رهي آهي، هاڻ هو شهباز شريف کي مارائڻ وڃي رهيو آهي، شاهد خاقان جو قطري معاهدو به مون کي قطر خط لڳي رهيو آهي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ان حڪم جي ضرورت آهي ته جتي جتي ڪرپشن آهي ان کي ختم ڪيو وڃي، ٽن منٽن کانپوءِ منهنجي تقرير قوم کي نه ڏيکاري وئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2 هزار ماڻهو بنا ڪنهن پاس جي داخل ٿيا، شيخ رشيد چيو ته خاقان عباسي چوي ٿو ته سمورا آٽوميٽڪ هٿيار واپس وٺـندس، شاهد خاقان هڪ محرو آهي ۽ نواز شريف کي اهڙن ئي ماڻهن جي ضرورت آهي، آچر تائين ڪوشش ڪندس ته قطري معاهدو ڪهڙي نموني ملي وڃي ڇو ته شاهد خاقان جو قطري معاهدو مون کي قطري خط لڳي رهيو آهي، مان ڊڄڻ وارو نه آهيان، اهو سمورو خاندان جيل ويندو. شيخ رشيد چيو ته دنيا جي مهانگي ۾ مهانگي ايل اين جي آڻڻ سبب ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بري طرح متاثر ٿي آهي، ملڪي خسارو 87 ملين تائين پهچي ويو آهي، 70 سالن ۾ 4 ارب قرض ورتو ويو، جڏهن ته 4 سالن ۾ 35 ارب قرض ورتو ويو، نواز شريف صاحب ڪيترائي سال صرف 5 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، خاقان عباسي ايم اين ايز کي ڊيڄارڻ کانپوءِ هاڻ ته راند شروع ٿي آهي، ڪجهه ماڻهو هارائي به کٽِي ويندا آهن، جڏهن ته ڪجهه کٽي به هارائي ويندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *