نواز شريف جي سنڌ اچڻ سان پ پ تي ڪو فرق نه پوندو: منظور وساڻ
March 13, 2017 at 4:30 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
خيرپور (ڊ ر) صعنت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته هلندڙ مهينو مارچ پاڪستان لاءِ اهم ترين هوندو، 20 کان 31 مارچ دوران ملڪ لاءِ اهم فيصلا ٿيندا. خيرپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير منظور وساڻ جو چوڻ هو ته عام چونڊون 2017ع جي آخر يا 2018ع جي شروعات ۾ ٿينديون، ڪجهه فيصلا ڏکيا ۽ ڪجهه پ پ جي فائدي ۾ هوندا. هن چيو ته نواز شريف جي سنڌ اچڻ سان پ پ تي ڪو فرق نه پوندو، سنڌ پ پ جو ڳڙهه آهي، ايندڙ چونڊون اسان ئي کٽينداسين.