اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت ۽ سزا معطل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو سومر تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت طرفان ڏنل ست سال قيد جي سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي. وڪيلن طرفان 20 فيبروري تي دليل مڪمل ڪيا ويا ۽ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو. نواز شريف جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو 25 فيبروري سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ٻڌائيندي. نيب نواز شريف جي طبي بنيادن تي سزا معطل ڪرڻ ۽ ضمانت جي درخواست جي مخالفت ڪئي آهي.