نواز شريف جي جي ٽي روڊ مهم، جمهورت ۽ آئيني ادارن کي تباهه ڪندڙ هوندي: قمر زمان ڪائرا

لاهور (اين اين آءِ) پ پ پ وچ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته نواز شريف جي جي ٽي روڊ مهم جمهوريت ۽ آئيني ادارن لاءِ تباهه ڪندڙ هوندي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته بهتر ٿئي ها ته جو نواز شريف پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ نيب عدالت ۾ ڪيسن سان منهن ڏيڻ تي تياري ڪري ها، هو جنهن سازش جو بار بار چئي رهيو آهي اها هن پنهنجي خلاف پاڻ ڪئي آهي، ميان صاحب اهو اهڙو عمل جنهن کان بچڻ توهان لاءِ ممڪن نه آهي، هاڻ توهان کي چارٽر آف ڊيموڪريسي ياد اچي رهي آهي، زرداري صاحب سان محبت ياد اچي رهي آهي، هن چيو ته عمران خان جي به حقيقت سامهون اچڻ واري آهي، هن چيو ته پ پ ئي واحد سياسي طاقت آهي جيڪا ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهرين بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *