نواز شريف جي تاريخي آجيان لاءِ سنڌ جي قافلن لاءِ هدايتون جاري

ڪراچي (اين اين آءِ)  ن ليگ سنڌ جي اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس پنجاب جي اڳوڻي تعليم جي وزير رانا مشهود جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ن ليگ سنڌ جو صدر شاهه محمد شاهه،  جنرل سيڪريٽري سليم ضيا، ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر زاهده ڀنڊ، ڪراچي ڊويزن جو صدر علي اڪبر گجر، سينيئر اڳواڻ زين انصاري شريڪ هئا، ن ليگ سنڌ جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پشاور ۾ اي اين پي جي جلسي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل هارون بلور ۽ ٻين لاءِ فاتح پڙهي وئي، رانا مشهود صوبائي قيادت جي مشاورت سان 13 جولاءِ تي نواز شريف ۽ مريم نواز جي استقبال لاءِ پارٽي جي مرڪزي قيادت جي هدايتن جي روشني ۾ سنڌ مان استقبالي قافلن جي روانگي جي پروگرام کي آخري شڪل ڏني، رانا مشهود سڄي سنڌ مان قافلي روانا ٿيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪندي صوبائي قيادت جي صلاح سان سڄي سنڌ مان پاڪستان مسلم ليگ ن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن، ڊويزنل، ضلعي ۽ يوسي سطح تائين عهديدارن، چونڊيل مڪاني نمائندن لاءِ لاهور پهچڻ ۽ نواز شريف جي تاريخي استقبال جو پروگرام جاري ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *