نواز شريف جو نظريو چونڊن ۾ ڌانڌلي، اليڪشن ڪميشن ۽ ريٽرننگ آفيسر کي پيسا کارائڻ آهي: عمران خان
December 6, 2017 at 2:38 amليه(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڄ هر پاڪستاني تي 1 لک 30 هزار رپيا قرض آهي، هتي اهو ملڪ بڻجندو جتي سوئٽرز لينڊ کان وڌيڪ سياح هتي ايندا ۽ اسان دنيا ۾ هڪ مثال بڻجنداسين، ٻاهران جا ماڻهو بهترين تعليم جي ڪري هتي پڙهڻ ايندا جڏهن ته پاليسيون بڻائبيون ته پنهنجي هاري جي مدد ڪيئن ڪرڻي آهي. ليه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو ته ڪا به قوم سدائين مٿي ناهي رهندي ۽ ڪا به قوم هميشه هيٺ ناهي رهندي، جيڪا قوم پنهنجي غلطين مان سڌرندي آهي اها ٻيهر اٿي بيهندي آهي، اتر ڪوريا ملائيشيا جي ماڻهن پاڪستانين کان سکيا ورتي ۽ اڄ هو اسان کان به اڳتي نڪري ويا آهن. اسان هن ملڪ کي هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين جيڪو سڀني کي پوئتي ڇڏيندو. هي اهو ملڪ بڻجندو جتي ٻاهريان ماڻهو پاڪستان ۾ نوڪريون ڳولهڻ ايندا، رياست اعليٰ تعليم ننڍڙي طبقي کي ڏيندي آهي. هن چيو ته اسان پهرين ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪنداسين پوءِ انڊر پاس ۽ ميٽرو تي خرچ ڪنداسين، 2013ع ۾ پختونخواهه ۾ 3 هزار ڊاڪٽر هئا اڄ 9 هزار آهن، ڪي پي ڪي ۾ پهريون ڀيرو ڏيڍ لک ٻار پرائيويٽ اسڪولن کان سرڪاري اسڪولن ڏانهن آيا.