اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي موٽر وي ذريعي لاهور وڃڻ واري فيصلي تي چوڌري نثار جي ترجمان جو وضاحتي بيان سامهون اچي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته موٽر وي ذريعي وڃڻ جو فيصلو سيڪيورٽي سببن کي سامهون رکي ڪيو ويو، معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ بدنيتي آهي. چوڌري نثار جي ترجمان موجب اجلاس ۾ نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي سميت 10 يا 11 سينيئر اڳواڻ موجود هئا. مري اجلاس ۾ هڪ يا ٻن کانسواءِ سڀني اڳواڻن موٽر وي کان وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته سيڪيورٽي خدشن سبب نواز شريف موٽر وي ذريعي لاهور ويندو ۽ هر انٽر چينج ۽ لاهور داخل ٿيڻ تي سندس اختتامي استقبال ڪيو ويندو. چوڌري نثار جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فيصلو رڪارڊ تي موجود آهي، جيڪو مري اجلاس کانپوءِ اخبارن ۾ به جاري ٿيو، فيصلي ۾ تبديلي ڪنهن سياستدان جي صلاح سان نه ٿي.27