لنڊن(۾ ڊ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڌيءَ مريم نواز جي لنڊن اچڻ تائين علاج کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي چيو آهي ته ڪارنري انٽروينيشن جو آپريشن نواز شريف جي ذاتي خواهش موجب پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. نواز شريف جي خواهش هئي ته سندس آپريشن وقت مريم نواز ساڻس گڏ هجي. گذريل خميس تي هن جو آپريشن ٿيڻو هو.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان موجب روبيڊيم ڪارڊيڪ پيٽ اسڪين جي رپورٽ ۾ نواز شريف کي دل جي شديد بيمارين جي نشاندهي ٿي هئي جڏهن ته بند شريانين جي بندش ختم ڪرڻ لاءِ هن جي ڪارڊيڪ ڪيٿيٽائزيشن ڪرڻي هئي.