اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو جي ٽي روڊ وارو قافلو فيض آباد پهچي چڪو آهي. جڏهن ته نواز شريف پنهنجي گاڏي ڇڏي ڪنٽينر ۾ هليو ويو آهي ۽ هو ڪنٽينر مان ويهي ئي خطاب ڪندو. اسلام آباد کان لاهور روانگي لاءِ سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ميان نواز شريف جي روانگي کان اڳ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي اڳوڻي وزير اعظم سان پنجاب هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ وزير اعظم ميان نواز شريف کي ڀاڪر پائي پنجاب هائوس مان رخصت ڪيو. ميان نواز شريف جي پنجاب هائوس روانگي جو وقت صبح 10 وڳي مقرر ڪيو ويو هو پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۽ ڳالهين جي ڪري روانگي ۾ ڪجهه دير ٿي ۽ اڳوڻو وزير اعظم ساڍي يارهين وڳي پنجاب هائوس مان روانو ٿيو. ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سينيٽر پرويز ميان نواز شريف سان گڏ گاڏي ۾ موجود آهي. نواز شريف کي ججز ڪالوني ڏانهن وٺيو پيو وڃي ان موقعي تي مري روڊ تي سمورا پيٽرول پمپ بند ڪرايا ويا آهن ۽ مري روڊ ۽ ڀرپاسي وارا روڊ مڪمل طور بند آهن. ان موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ جهنڊا کڻي ميان نواز شريف جي قافلي سان گڏ آهي. مسلم ليگ ن جي ريلي جي لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل ميان نواز شريف جي قافلي سان گڏ گاڏي ۾ اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان جي مٿان اڳوڻي وزير نواز شريف ۽ مريم نواز جا پوسٽر لڳل آهن. اها خاص وين اڳوڻي وزير اعظم سان جي قافلي سان گڏ لاهور ويندي، ان کان سواءِ اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم جي سان گڏ 8 خاص گاڏيون تيار ڪيون ويون آهن. سمورن شهرن ۾ نواز شريف جي ريلي جو استقبال ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪندا. ريلي تي رستن تي جاءِ جاءِ تي ڪيمپ لڳايا ويا آهن جتي ڪارڪنن جي لاءِ پاني ۽ کائڻ جو به انتظام هوندو. ريلي پنجاب هائوس کان مارگلا روڊ، ميريٽ هوٽل سگنل کان ڊي چوڪ کان گذرندي ۽ ڊي چوڪ تي اسلام آباد جي مختلف سيڪٽرن مان جمع ٿيل ڪارڪن استقبال ڪندا. ريلي ڊي چوڪ کان جناح ايونيو ۽ ايڪسپريس هاءِ وي کان فيض آباد پهچندي، راولپنڊي ۾ سمورن چوراهن تي پاڻي، کاڌي ۽ سائونڊ سسٽم جا ڪيمپ لڳا ويا آهن جڏهن ته ريلي مريڙ چوڪ کان ڪچهري کان ٿيندي جي روڊ تي داخل ٿيندي. ريلي جي استقبال جي لاءِ ڪچهري چوڪ تي وڪيل ۽ راولپنڊِ ڪينٽ جا سمورا پارليامينٽرينز موجود هوندا، ريلي ڪچهري کان ايوب پارڪ، ڪهوٽا موڙ ۽ ٽي چوڪ پهچندي، ريلوي روات بازار، چڪ بيلي اسٽاپ، مندره ۽ گوجر خان کان گذرند . ريلي ڪامونگي، مريد ڪي ۽ شاهدره کان ٿيندي لاهور ۾ داخل ٿيندي، سوهاوه، دينا، جهلم سرائي عالمگير، کاريان ۽ لالي موسيٰ کان گذرندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريلي دوران نواز شريف جي ڪچهري چوڪ راولپنڊي، روات بازار، گوجر خان، جهلم، لالا موسيٰ، گجرات ۽ وزير آباد ۾ عوام سان خطاب جو امڪان آهي. گهرو وزارت موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي بلٽ پروف گاڏي ۾ لاهور آندو ويندو ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ ان کي گاڏي کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هوندي. صوبائي گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ريلي جي رستي ۾ بازار بند رکيا ويا آهن ۽ پوليس جا هٿياربند اهلڪار ۽ نشاني باز ڇتين تي مقرر ڪيا ويا آهن. راولپنڊي ۾ پوليس ريلي جي رستي ۾ ايندڙ گهرن ۽ دڪانن جي مالڪن کان حلف ناما ورتا آهن جنهن موجب انهن کان حلف ورتو ويو آهي ته پنهنجي مڪان يا دڪان کي قانون خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، پنهنجي دڪان يا مڪان جي ڇت تي ڪنهن کي حرڪت نه ڪرڻ ڏينداسين جڏهن ته ريلي روڊ تي شڪي ماڻهن جي نشاندهي ڪندس. ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچڻ جي لاءِ جي ٽي روڊ تي موجود تحريڪ انصاف جي آفيس کي بند رکيو ويندو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کان ريلي جي رستي ۾ گڙٻڙ نه ڪرڻ جو يقين ورتو ويو.