نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ ست سال قيد جي سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي. ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيلن العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي. نواز شريف جي اپيل سان گڏ سزا معطل ڪرڻ جي به درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته احتساب عدالت قانون جي ابتڙ فيصلو ٻڌايو آهي.  درخواست موجب احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ قانوني جهول آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *