اسلام آباد( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف اقتدار ۽ ذاتي مفادن لاءِ ملڪ، جمهوريت ۽ ادارن کي داءُ تي نه لڳائي ٻي صورت ۾ خطرناڪ نتيجا نڪرندا. هڪ بيان ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته مسلم ليگ ن انصاف جي رستي ۾ رنڊڪون وجهي هڪ دفعو ٻيهر ماضي کي ورجائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جي اها ڪوشش آهي ته ملڪ توڙي قوم، جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته قطري شهزادي جي خط جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، هو بار بار ڪوششن باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻ کان لنوائي رهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته جيڪڏهن قطري شهزادي جي قط کي قانوني طور درست قبول ڪيو وڃي ته پوءِ ٽيڪس چور ۽ ڪاري ناڻي وارو ڪنهن به شهزادي يا امير زادي جو قط کڻي قانون ۽ انصاف سان مذاق ڪندو.