اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر رٽائرڊ صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائون بحال ڪرڻ بابت قومي احتساب بيورو( نيب ) جي اپيل تي ٻڌڻي کانپوءِ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي خاص ٽه رڪني بئنچ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. واضح رهي ته نيب 22 آڪٽوبر تي داخل ڪيل پنهنجي اپيل ۾ اعليٰ عدالت کان استدعا ڪئي هئي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جون سزائون معطل ڪرڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي جوابدارن جون ضمانتون رد ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ نيب جي اپيل اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي بئنچ جوڙي ڇڏي هئي. نيب جي اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس پاڪستان پهريان پنهنجي سربراهي ۾ جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس عمر عطابنديال تي ٻڌل بئنچ جوڙي، پر بعد ۾ بئنچ ٻيهر جوڙي عمر عطا بنديال جي جاءِ تي جسٽس مظهر عالم ميان خيل کي شامل ڪيو ويو . سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ وضاحت ڪئي وئي ته جسٽس عمر عطا بنديال طرفان شريف خاندان خلاف اپيلن تي ٻڌڻي کان معذرت واري خبر بي بنياد آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي طبيعت خراب هئڻ سبب چيف جسٽس بئنچ ٻيهر جوڙي . پڌرائي موجب چيف جسٽس غلط خبر نشر ڪندڙ چينلن جي مالڪن ۽ چيف ايگزيڪٽو کي 24 آڪٽوبر تي منجهند ٻئين وڳي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيڻ جو حڪم پڻ ڏنو. ياد رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت 6 جولائي کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 11، مريم کي 8 ۽ ڪيپٽن ( ر) محمد صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.