اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف، مريم ۽ محمد صفدر جي اپيلن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم طرفان جا 2 ٻيا ريفرنسز ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواستن کي به ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن ۽ اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٽنهي درخواستن جي الڳ الڳ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پهريون نواز شريف طرفان فليگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي جي اپيل رد ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس محسن اختر خواجه حارث کان سوال ڪيو ته ريفرنسز جي ڪهڙي اسٽيج آهي، ثبوتن جو بار توهان تي منتقل ڪيو ويو، اهو جج جو تعصب هو؟ خواجه حارث چيو ته جج جي تعصب يا پرسنل اختلافن جي ڳالهه ناهي، جج هڪ ريفرنس ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪري فائنڊنگ ڏئي چڪو آهي، فيئر ٽرائل لاءِ مناسب آهي ته ٻيا 2 ريفرنسز هو نه ٻڌي، ٻين ٻن ريفرنس ۾ واجد ضياءَ تي آڏي پڇا ڪري رهيو آهيان، هو ٻنهي ريفرنسز ۾ گڏيل شاهد آهي. جسٽس گل حسن اورنگزيب خواجه حارث کان سوال ڪيو ته باقي ٻن ريفرنسز تي ڪهڙي راءِ ڏني وئي، ڇا فيصلي ۾ ٻين ريفرنسز تي ڪا فائنڊنگ ڏني وئي آهي. خواجه حارث ٻڌايو ته هي ڪيس ناهي، مان هڪ ڪيس ۾ پنهنجي مڪمل راءِ ڏئي چڪو آهيان، جج محمد بشير ٻين ٻن ريفرنسز کي نه ٿو ٻڌي سگهي. عدالت نواز شريف جي ريفرنسز جي منتقلي جي درخواست بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. عدالت نواز شريف طرفان فيصلي تائين منع نامو جاري ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي جولاءِ جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي