لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي دروخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته عدالت پيمرا کي عدالتن خلاف تقريرون نشر ڪرڻ کان روڪي ۽ شاهد خاقان عباسي، نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف ۽ مريم نواز هري پور جلسي ۾ عدليه خلاف تقرير ڪئي، نواز شريف، مريم نواز ۽ شاهد خاقان مسلسل عدالتن خلاف تقريرون ڪري رهيا آهن. درخواستگذار جو چوڻ هو ته پيمرا عدالتن خلاف تقرير روڪڻ لاءِ قدم ناهي کڻي رهي، درخواستگذار داخل درخواست ۾ اپيل ڪئي ته عدالت پيمرا کي عدالتن خلاف تقريرون نشر ڪرڻ کان روڪي ۽ شاهد خاقان عباسي، نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي.