نوازشريف کي ڪوبه رليف ناهي مليو، وزارتون بدلائڻ سان ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوازشريف کي ڪوبه رليف ناهي مليو، اهو ان جو حق هو.تفصيل موجب ايل اين جي ڪيس ۾ ٻڌڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف علاج جي لاءِ ٻاهر وڃي رهيو آهي ان کي ڪوبه رليف ناهي مليو اهو ان جو حق هو جيڪو کيس 6 مهينا اڳ ملڻ گهرجي ها.ملڪي معيشت تي ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ جهڙي صورتحال تي اسان پهچي چڪا آهيون ان لحاظ سان معيشت کي بحال ڪرڻ ۾ 3 سال لڳي ويندا.جي يو آءِ(ف) جي آزادي مارچ بابت ليگي اڳواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪامياب احتجاج ڪري ڏيکاريو آهي. جيڪي ڌرڻا هڻندا هئا انهن کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ڌرڻو ڪنهن کي چيو ويندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *