اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سميت ڪنهن به سياسي جماعت سان ڳالهين جا دروازا بند نه آهن حڪومت کي چيو ته 15 مئي تائين نگران وزيراعطم جو نالو فائينل ڪرڻ گهرجي نگران وزيراعظم لاءِ پي ٽي آءِ پاران نالن جي اعلان تي حيرت ۾ آهيان راءِ جي اظهار پابندي نه هئڻ گهرجي اڱاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو نگران وزيراعظم بابت سوال تي هن چيو ته حڪومت کي چيو ته 15 مئي تائين نگران وزيراعظم جو نالو فائينل ڪرڻ گهرجي نگران وزيراعظم جو فيصلو مون کي ۽ وزيراعظم کي ڪرڻو آهي خورشيد شاهه ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان مشاورت جاري هئي مان تحريڪ انصاف سان رابطا ڪيا پر انهن نه ڪيا تحريڪ انصاف جا نالا ميڊيا جي ذريعي مون تائين پهچي ويا هاڻي انهن سان ملاقات جو ڪهڙو فائدو پر پي ٽي آءِ پاران نالن جي اعلان تي حيرت ۾ آهيان.