اسلام آباد(بيورو) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي واپسي جي ذميواري فروغ نسيم ۽ شهزاد اڪبر حوالي ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته نوازشريف کي واپس آڻڻ جون ڳالهيون ٿيون آهن پر ان لاءِ عملي قدم کڻڻ به ضروري آهن. هن چيو ته متحده ۽ باني ۽ نوازشريف جهڙا ماڻهو ٻين ملڪن جا اثاثا بڻجي ويندا آهن اهڙن ماڻهن کي واپس آڻڻ جي لاءِ رنڊڪون سامهون اينديون آهن پر اسان کي ڪوششون جاري رکڻ گهرجن.فواد چوڌري چيو ته غير روايتي معاشي پاليسين کي ڏسي اڳيان وڌڻو پوندو. ٽيڪنالاجي جي جدت سان ئي قومون ترقي ڪنديون آهن. وفاقي وزير چيو ته بهنگ سان مضبوط ڌاڳو ٺهي ٿو جيڪو صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار اد اڪري سگهي ٿو. ڀنگ کي ميڊيڪل جي شعبي ۾ به استعمال ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.فواد چوڌري چيو ته ڀنگ جي پوکي بابت لاعلم ماڻهو تنقيد ڪندا آهن. ڀنگ کي پوکڻ جو لائسنس هر ماڻهو کي نٿو ڏئي سگهجي ۽ نه ئي ان جي نجڪاري ٿيندي. فواد چوڌري چيو ته زراعت جي شعبي ۾ اصلاحات آڻينداسين جنهن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.