ڪراچي (اين اين آءِ)سنڌ جي گورنر محمد زبير نوازشريف جي نااهلي جي فيصلي کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته افسوس سان چوان ٿو ته فيصلو دليلن جي خلاف ڏنو ويو، عدالت کان ڪوئي ماهر متفق نه ٿيندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سپريم ڪورٽ پاران ڏنل نوازشريف جي نااهلي جو فيصلو غلط قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته پگھار تي نااهل قرار ڏيڻ ۾ عدالتي فيصلي کان ڪو به ماهر متفق نه ٿيندو، ڪو به مالياتي ماهر ججن جي رائي سان اتفاق نه ٿو ڪري سگھي. گورنر چيو ته ملڪ جي قانون موجب وصول ٿيندڙ رقم پگھار هوندي آهي. ججن جي فيصلي ۾ چيو ته نوازشرف پگھار لڪائي .افسوس سان چوڻون پوي ٿو ته ججن جو فصلو غلط آهي نااهلي جي فيصلو دليلن جي خلاف ڏنو ويو. منهنجو خيال ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل اڪائونٽنگ تجربي جي بنياد تي آهي ڇو ته مان آئي بي اي چيف فنانسر آفيسر به رهي چڪو آهيان.