اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڳوني وزيراعظم ميان نوازشريف جو وڪيل خواجه حارث عدالت ۾ پيش نه ٿيو نوازشريف جي وڪيل ڪيس ۾ دير وارا طريقا استعمال ڪري رهيو آهي ملتان ۾ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مان اين اي 156، پ پ 216 ۽ پ پ 217 ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن ٽڪيٽون ورهائڻ ۾ سمورن اميدوارن کي گهرائي پرکيو ويو هڪ هڪ اميدوار تي غور ۽ فڪر ڪري ٽڪيٽ جاري ڪئي ويئي هن چيو ته مان سلام پيش ڪيان ٿو انهن ڪارڪنن جن تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۾ شرڪت ڪئي شاهه محمود قريشي چيو ته تيم جوڙي ويئي آهي جيڪا ٽڪيٽن جي ورچ تي شڪايتن کي ڏسندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کان قوم مايوس ٿي چڪي آهي عمران خان جي قيادت ۾ هڪ نئين جدوجهد ڪئي پئي وڃي اسان جي جمهوري پارٽي ۾ ماڻهن کي اختلاف ٿي سگهن ٿا پيپلزپارٽي سياسي راند مان آئوٽ ٿي چڪي آهي مون کي تير ڪمان مان نڪرندي نظر نه پيو اچي ۽ شينهن به ٻڪري بڻجي ويو آهي جاويد هاشمي جي حوالي سان هن ڳالهائيندي چيو ته هو سينيئر سياستدان آهي جيڪو به فيصلو ڪندو سوچي سمجهي ڪندو.