نوازشريف آئيني رستو نه ورتو ته وڌيڪ ڀٽڪي ويندو،چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئيني مدو پورو ڪري:خورشيد شاهه

سکر(عنايت ڀٽي وٽان) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته نوازشريف کي عدالتي فيصلو مڃي آئيني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هُن ائين نه ڪيو ته وڌيڪ ڀٽڪي ويندو، اسين چاهيون ٿا ته پارليامينٽ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري ۽ احتساب برابريءَ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار سکر جي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج فار وومين ۾ وڊيو لنڪ ۽ ڪمپيوٽر ليب جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد ڌرڻي ۾ حڪومت جي ڪمزوري صاف ظاهر آهي ۽ اُن جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي ۽ اُها آئيني اختيار استعمال نه پئي ڪري، ڪجهه ماڻهن گاديءَ واري شهر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي جتي سڄي دنيا جا ماڻهو اچن ٿا، جيڪڏهن حڪومت ايڪشن نه ٿي وٺي سگهي ته پوءِ گهر هلي وڃي. خورشيد احمد شاهه چيو ته خيبرپختونخواه ۾ عمران خان جي حڪومت جي ڪارڪردگي وائکي ٿي چڪي اهي اها ڊي آءِ خان سانحي ۾ ڇا انصاف ڏياري سگهندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ ۾ گرينڊ الائينس رُڳو اليڪشن ۾ ٺهندا آهن پوءِ وري ڊهي ويندا آهن، سنڌ جا ماڻهو ڪافي سمجهدار آهن، پيپلزپارٽي ۽ عوام جو رشتو ڪوبه ختم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسين جوڙ توڙ جي سياست ۾ نٿا وڃڻ چاهيون ملڪ ۾ صاف سٿري سياست هئڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي ڪابه ڇڪتاڻ نه آهي، بهتر منصف عوام آهي، رياست لاءِ بهتر آهي ته رياست اندر رياست ۽ حڪومت اندر درحڪومت نه هجڻ گهرجي، نوازشريف کي عوامي عدالت ۾ وڃڻ کي ترجيح ڏيڻ کپي. تقريب کي خطاب ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هر ٻار باصلاحيت پيدا ٿئي ٿو، اُن جي صلاحيتن کي اڀاري فائدو وٺڻ رياست جي ذميواري آهي، پراسانجي ملڪ ۾ اهڙو فقدان آهي. هن چيو ته پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو جهالت آهي ۽ اُنڪري ئي بيروزگاري آهي، جيڪڏهن ٻار پڙهيل لکيل هوندو ته اُهو سرڪاري نوڪري طرف ڌيان نه ڏيندو پر اهو محنت ڪري رياست جو حصو بڻبو. هن چيو ته سکر آءِ بي اي ٻن ڪمرن کان شروع ڪيو سين، پر هن وقت ملڪ جو ٽيون وڏو ادارو بڻجي اڀريو آهي ۽ ايندڙ سال انشاءَ الله دُنيا جي 150 بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿي ويندو. سيد خورشيداحمد شاهه چيو ته سکر ضلعي ۾ 1700 ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي کوٽ آهي، جڏهن ته ڳوٺن جا اسڪول سهولتن کان محروم آهن. هن چيو ته ٻار جي پرائمري تعليم سندس ماءُ آهي، جيڪا پڙهيل لکيل هئڻ لازمي آهي، آدمشماري انگن اکرن موجب 80 سيڪڙو مائرون اڻ پڙهيل آهن. هر شاگرد کي سال ۾ 850 ڪلاڪ پڙهڻ گهرجي پر سنڌ جا ٻار 200 ڪلاڪ مشڪل سان پڙهن  ٿا، اُهي گرامر ۽ ڪيمبريج اسڪولن سميت دنيا سان مقابلو ڪيئن ڪري سگهندا، سڀني کي گڏجي تعليمي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن چيو ته سياستدانن ڪوڙ ڳالهائي سياست کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي، سياست ڪوڙ نه پر خدمت جو نالو آهي، سنڌ جي ٻارڙن خاص طور نياڻين ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، نوجوانن ۽ استادن کي معاشري مان مايوسي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڊسمبر 2018ع ۾ سکر ۾ ٺهندڙ سنڌ آرٽ اينڊ ڊزائن ڪاليج ڪم شروع ڪري ڏيندو، جتي ايجوڪيشن ٽاور ٺاهيو ويندو، جيڪو روڊ کان 200 فوٽ مٿي آهي اُن ٽاور تان تعليم جي روشني جا ڪرڻا ڇڏيا ويندا، جڏهن ته جي ايم سي عمارت به مڪمل ٿيڻ واري آهي، وومين يونيورسٽي جا ڪلاس ڊگري ڪاليج سکر ۾ شروع ڪيا ويندا. خورشيد احمد شاهه چيو ته صالح پٽ ۾ 50 ڪروڙن جي لاڳت سان اسڪول تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ 3 هزار ٻارڙن کي تعليم سان گڏوگڏ لاجنگ ۽ بورڊنگ جي سهولت پڻ مهيا ڪئي ويندي. تقريب کي ايليمينٽري ڪاليج جي پرنسپال شگفته پروين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *