نواب وساڻ جي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات، سنڌ حڪومت صوبي ۾ 10 هزار گهر اڏڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ؛نظير ميمڻ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ 10 هزار گهرن جي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ 10 هزار گهر ڪڻن ذريعي مفت ڏنا ڏيندا، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 10 هزار گهر ڏنا ويندا. بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص مددگار نواب وساڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بينظير هائوسنگ سيل جي منصوبن تي خوشي جو اظهار ڪيو. سنڌ حڪومت تحت لاڙڪاڻي، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ هائوسنگ منصوبن جي شروعات ڪئي ويندي. خيرپور ۾ گهٽ پگهار وارن کي 2 هزار پلاٽ ڏنا ويندا. ڪراچي ۾ بينظير فليٽ پراجيڪٽ ۽ مفت پلاٽ اسڪيم شروع ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. پ پ چيئرمين بينظير هائوسنگ سيل جي افتتاح جي دعوت قبولي ورتي آهي. بلاول ڀٽو زرداري اسيمبلي ميمبرن ۽ صوبائي وزيرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، هن نواب وساڻ کي ترقياتي اسڪيمون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *