نوابشاهه ۾ ڪئنالن خلاف ريلي،ڪنهن کان خيرات نٿا وٺون:زين شاهه

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف نوابشاهه ۾ اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي پاران ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ، فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد زاھد حسين شاھ ۽ آبادگار اڳواڻ انور محمود شاھ، حاجي عبدالستار ڏاھري، صحبت چانڊيو، گل حسن رند، مقبول ڏاھري، ذوالفقار ڌاريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪورٽ روڊ کان ڪڍي وئي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي، ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب نوابشاهه پھتي، جيڪا نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي، ريلي کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه اسان جي جياپي جو مسئلو آھي،ڪئنال اڏڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿي ويندي ۽ آبادگار بدحالي جو شڪار ٿي ويندا. ھنن چيو ته اسين ڪنھن کان خيرات ڪونه ٿا وٺون، سنڌ جي زمين ۽ پاڻي جا مالڪ آھيون، جيڪو اسان کان کسيو پيو وڃي. ھنن چيو ته حڪمران ڌر  اقتدار جي لالچ ۾ اچي پاڻي جو سودو ڪيو آھي. ھنن چيو ته سنڌو بچائڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ڪنداسين ۽ ڪنھن به صورت ۾ سنڌو درياهه تي ناجائز ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *