نوابشاهه پوليس شاگردن۽شاگردياڻين تي ڪڙڪي پئي،ڏوهارين جيان تشدد،17زخمي

نواب شاهه (رپورٽر) نواب شاهه جي پوليس مطالبن جي مڃتاء لاءِ مظاهرو ڪندڙ يونيورسٽيءَ جي شاگردن توڙي شاگردن تي ڪڙڪي پئي، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي جي نتيجي ۾ 7 شاگرد زخمي ٿي پيا. شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين انتظاميا جي مبينا زيادتين ۽ مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪيو. شاگردن نواب شاهه – سڪرنڊ روڊ کي ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪيو ته پوليس جا اٽالا به پهچي ويا ۽ مٿن ڪڙڪي پئي. پوليس اهلڪارن روڊ کولرائڻ لاءِ تشدد جو آزاداڻو استعمال ڪيو ۽ شيلنگ سان گڏ مظاهرو ڪندڙ شاگردن تي لٺيون به وسايون. جنهن جي نتيجي ۾ صائمه مورو، شاگرد عثمان کوکر، مقبول بروهي، هاشم لغاري، منصور ڀنگوار، ارسلان ملڪ ۽ ذوالفقار لغاري سوڌو 17 شاگرد توڙي شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون، جن کي نواب شاهه جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو. شاگردن مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف پهرين مظاهرو ڪيو، پر 2 ڪلاڪ گذرڻ باوجود انتظاميا ۾ ڪوبه عملدار ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ نه پهتو، جڏهن شاگردن ڌرڻو هنيو ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي ۽ کين ائين ڏوهارين جيان ڊوڙائي ڊوڙائي تشدد ڪندي رهي. شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو چوڻ آهي ته کانئن هاسٽل تي رهڻ جي فيس ساليانو 24 هزار رُپيا اوڳاڙي ويندي آهي، اُن باوجود هاسٽل ۾ شاگردن کي ڪابه سهولت نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته ليبارٽري به اڃا تائين نه ڏني وئي آهي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي ملي ٿو ۽ نه ئي وري شاگردن کي ڪي ٻيون بنيادي سهولتون ملي رهيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *