نواءِ سنڌ اخبار سچ لکڻ ڪري مونکي تمام گھڻي پسند آھي؛سردار ضمير مسڻ

نصير آباد(رپورٽر) نئون چونڊيل پ پ سٽي صدر سردار ضمير حسين مسڻ پ پ ورڪرن سان گڏ نصيرآباد پريس ڪلب پھتو، پريس ڪلب صدر عاشق ڦلپوٽو سميت ۽ ٻين صحافين سٽي صدر کي گلن جا ھار پارائي مبارڪون ڏنيون، ان موقعي تي سٽي صدر نواءِ سنڌ اخبار جو معائنو ڪيو ۽ چيو ته نواءِ سنڌ اخبار سچ لکڻ ڪري مونکي تمام گھڻي پسند آھي، ھن اخبارن ذريعي مظلومن ۽ بي سھارا ماڻھن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچي ٿو ۽ شھر ۾ عوام جا مسئلا حل ٿين ٿا، جس ھجي نواءِ سنڌ اخبار جي سموري سٿ کي سلام پيش ڪيان ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *