اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار سي ڊي اي ۾ ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسرن بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو ته جوڊيشل اين آر او ۽ نه وري جوڊيشل مارشل لا، ملڪ ۾ رڳو جمهوريت هوندي باقي ڪجهه نه رهندو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ سي ڊي اي ۾ ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نعيم بخاري چيو ته جوڊيشل مارشل لا بابت تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ جوڊيشل اين آر او اچي رهيو آهي ۽ نه جوڊيشل مارشل لا، ملڪ ۾ رڳو جمهوريت هوندي باقي ڪجهه نه رهندو، ملڪ ۾ رڳو آئين باقي رهندو باقي ڪجهه نه رهندو. هن چيو ته جيڪڏهن مان چوان ته ڪجهه نه اچي رهيو آهي ته توهان ڇا چوندا، جوڊيشل مارشل لا ڇا ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان واضح ڪيان ٿو ته اهڙو ڪجهه نه ٿي رهيو آهي، عدليه تي جيڪا جائز تنقيد ڪرڻ آهي ڪرڻ گهرجي، جائز تنقيد سان اسان جي اصلاح هوندي. چيف جسٽس چيو ته ڪالهه ڪنهن منهنجي ڪراچي ۾ لڳل اشتهارن جي ڳالهه ڪئي، مان پاڻ اشتهار هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن مان اڄ پابندي لڳائي ڇڏيان ته گهڻن ماڻهن جو ڪم بند ٿي ويندو.