نه بدلي ٿي آهي نه وري ڪيڏانهن وڃان پيو: آءِ جي سنڌ ڪليم امام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): آءِ جي سنڌ پوليس سيد ڪليم امام چيو آهي ته منهنجي بدلي ناهي ٿي نه وري مان ڪيڏانهن وڃان پيو. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته منهنجي خلاف تمام وڏي سازش ٿي رهي آهي.تصور ڪيو پيو وڃي ته منهنجي بدلي ٿي وئي آهي ۽ تقريب کي منهنجي فيئرويل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، مان ڪيڏانهن به نه پيو وڃان نه وري منهنجي بدلي ٿي آهي.مان ايتري آساني سان نه ويندس. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سڀني آفيسرن ۾ قابليت آهي، مون کان پهرين به سٺا آءِ جي آيا، اسان قائدن موجب ڪم ڪندا آهيون، اسان جيڪو حلف کڻندا آهيون انهي تحت هلڻو پوندو آهي. رستي ۾ رڪاوٽون اينديون آهن پر گهٻرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، اهڙا ڏينهن ڏٺا جو ڪلمو ڀري انهي ڏينهن کي آخري ڏينهن سمڌو. اسان سڀني کي گڏ کڻي ٽيم ورڪ ڪم ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *