اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سينيٽر نهال هاشمي کان استعيفيٰ گهري ورتي آهي، وٽس مسلم ليگ ن سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو آهي. رپورٽن موجب نهال هاشمي کي وزيراعظم هائوس به طلب ڪيو ويو آهي ۽ کيس پارٽي طرفان باقاعدي طور شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب نهال هاشمي کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته کانئس نه رڳو پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ گهري وئي آهي پر سينيٽر شپ تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو آهي. نهال هاشمي کي پارٽي طرفان شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کيس پارٽي رڪنيت تان معطل ڪري وضاحت لاءِ وزيراعظم هائوس طلب ڪيو ويو آهي ته هن ڪهڙي سوچ سان اهو بيان جاري ڪيو.پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر نهال هاشمي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته احتساب وارو اسان توهان جو حساب وارو ڏهاڙوبڻائينداسين، پي ٽي آئي پاران مسلم ليگ نون جي اڳواڻ نهال هاشمي جي 28 مئي تي ڪيل هڪ تقرير جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي وئي آهي ويڊيو ۾ نهال هاشمي خطاب ڪندي چئي رهيو آهي ته توهان جنهن جو احتساب ڪري رهيا آهيو اهو نواز شريف جو پٽ آهي، اسان نوازشريف جا ڪارڪن آهيون جن حساب ورتو آهي ۽ جيڪي وٺي رهيا آهن انهن کي نه ڇڏينداسين توهان اڄ سروس ۾ آهيو سڀاڻي رٽائر ٿي ويندا اسان توهان جي ٻارڙن ۽ خاندان جي لاءِ پاڪستان جي ڌرتي تنگ ڪري ڇڏينداسين ان کان پوءِ تڪراري تقرير تي پنهنجو موقف ڏيندي نهال هاشمي چيو ته منهنجي تقرير غير جمهوري ماڻهن جي خلاف هئي. مسلم ليگ نون جو هر دور ۾ احتساب ٿيندو رهيو آهي جيڪڏهن مونکي جي آئي ٽي جي باري ۾ ڳالهائڻو هجي هان ته نالو وٺان هان، احتساب جي نالي تي انتقام نه هجڻ گھرجي ۽ مان يوم تڪبير جي خطاب ڪري رهيو هئس. هن چيو ته مان خود وڪيل آهيان اهڙي طرح ڪنهن جو به نالو نه وٺندو آهيان جيڪڏهن نالو وٺڻو هجي هان ته سڌو نالو وٺان هان.