نهال هاشمي جي جاءِ رڳو جيل آهي، کيس عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي: عمران خان

ايبٽ آباد( م ڊ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جي آءِ ٽي ميمبرن تي اعتراض ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، نهال هاشمي ڊرامو نواز شريف جي پراڻي عادت آهي. ايبٽ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نهال هاشمي جي جاءِ رڳو جيل ۾ آهي، اهڙي سزا ڏني وڃي جيڪا عبرت جو نشان هجي. هن چيو ته   جج ٻنهي پاسن جون ڳالهيون ٻڌي فيصلو ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته جمائما وٽان اڪائونٽس جا تفصيل ملي ويا آهن، رسيدون کيس ملي ويون آهن جيڪي عدالت ۾ موڪليون وينديون. عمران خان چيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ کانپوءِ قطري به آڻڻو پوندو آهي، هڪ ڪوڙ ڳالهائڻ کانپوءِ 100 ڪوڙ ڳالهائڻ پوندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *