ڪراچي(م ڊ) وڏي وزير چيو ته نمره ۽ قصرناز جتي پنج معصوم ٻارڙا فوت ٿيڻ وارن واقعن جو کين دلي صدمو پهتو آهي. هن چيو ته اسان کي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا ۽ ضروري اُپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي. اجلاس پنج مقدمن سان شروع ٿيو جنهن ۾ نمره بيگ جيڪا ڪراس فائرنگ سبب وفات ٿي، قصرناز سانحو جتي پنج ٻارڙا فوت ٿيا، ملير ۾ عمارت جو ڪرڻ، لاڙڪاڻي ۾ رونما ٿيل واقعو جنهن ۾ باجوڙ جا ٽي مزودر قتل ٿيا ۽ ارشاد رانجهاني قتل ڪيس شامل آهن. وڏي وزير کي نمره ڪيس بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ويو ته انهيءَ حوالي سان انڪوائري هلندڙ آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان بابت رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته فائينل ايئر ايم بي بي ايس جي معصوم شاگردياڻي جنهن جي عمر ويهه سال هئي جي قتل جو واقعو هڪ ڏکائيندڙ واقعو آهي. هن چيو ته معصوم نينگري جا به ڪجهه خواب هوندا ۽ کيس ڪٽنب جا پڻ پر انهن جا سڀئي خواب وکري ويا. هن آئي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ڄاڻايل واقعي جي تفصيلي جانچ ڪرائي ۽ چورن ۽ لٽيرن کان بازار ۽ اهم روڊن تي نمٽڻ بابت پوليس کي ضروري سکيا ڏيڻ شروع ڪئي وڃي. ڪمشنر ڪراچي وڏي وزير کي قصرناز ۾ پنج فوت ٿيندڙ ٻارڙن بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ليب رپورٽن جو انتظار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٻارڙن جي پيءُ جو چوڻ آهي ته جڏهن هو پنهنجي گهرواري کي اسپتال مان وٺي آيو ته هن کيس پنج ئي ٻارڙا تڪليف ۾ ڏٺا. پر هوءَ ڌيان نه ڏئي سگهيو. وڏي وزير چيو ته الله تعاليٰ مرحوم ٻارڙن جي ماءُ پيءُ کي صبر جي توفيق ڏئي جنهن پنهنجن ٻارڙن کي وڃايو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته هو سنڌ فوڊ اٿارٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ۽ انهن کي هدايت ڪيو ته ريسٽورنٽن ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي جاين کي چيڪ ڪندا رهن. هن چيو ته پوليس ۽ ٻين جي اها به راءِ آهي ته موت جو سبب کائڻ پيئڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ملير ۾ ڪرندڙ عمارت بابت وڏي وزير کي ڪمشنر ڪراچي ٻڌايو ته اها عمارت بنا ڪنهن منظوري جي اڏاوت ڪئي وئي هئي. هن چيو ته سڀئي ايجنسين، صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي)، ڪي ايم سي، رينجرز، پوليس ۽ هر هڪ ريسڪيو آپريشن لاءِ پهتا. هن چيو ته سڀني جي پهچڻ سان ريسڪيو جي ڪم ۾ ڪجهه تاخير به ٿي جنهن تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هڪ اهڙو نظام بڻايو وڃي جنهن تحت فقط هڪ ايجنسي ريسڪيو آپريشن ڪرڻ جي ذميوار هجي. هن پي ڊي ايم اي ريسڪيو کي مناسب تربيت ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل بابت جانچ هلندڙ آهي ۽ ان ڪيس جي سڀني پاسن سميت ذاتي دشمني، ڦرلٽ ۽ ٻين سببن جو جائزو ورتو پيو وڃي. وڏي وزير آئي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ٻن ڏينهن اندر جانچ جو عمل مڪمل ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڊي آئي جي لاڙڪاڻي وڊيولنڪ ذريعي وڏي وزير کي لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيندڙ ٽن مزدورن بابت ڄاڻ ڏني. هن چيو ته ان وقعي ۾ مختلف ڏوهاري بالواسطه يا بلاواسطه ملوث آهن جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اهم ڏوهاري هينئر تائين آزاد آهن پر انهن جي سمورن رابطن جو پتو لڳائي ويو آهي. وڏي وزير ڊي آئي جي سکر کان وڊيولنڪ تي ڳالهائيندي چيو ته هڪ شخص تي لاڙڪاڻي جيان خيرپور ۾ به حملو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جا واقعا ڪنهن به صورت قبولڻ جوڳا نه آهن تنهن ڪري سٺي طريقي سان پوليس پيٽرولنگ ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال تي ڊي آئي جي وڏي وزير کي قتل ٿيندڙ رمشا وساڻ ڪيس بابت ٻڌايو ته ان جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ کيس ڪٽنب کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ جانچ جي عمل ۾ ڪٽنب وارن سان رابطي ۾ پڻ آهيون. هن چيو ته رمشا کي ڏيڍ مهينو پهرين اغوا ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ برآمد ڪري ورتو آهي. وڏي وزير آئي جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو سڀني پوليس رينج ۽ زونن ۾ ضروري هدايتون جاري ڪن ته سڀئي لاڳاپيل علائقن ۾ امن ۽ امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي.